Posts

Showing posts from January, 2021

Dhoom TV News kadhan

Image
 ڳوٺ حضوري خاصخيلي جي رھواسي 25 سالامحمد خان پٽ جعفر خاصخيلي جيت مار زھريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنھن کي بروقت صحت مرڪز ڪڍڻ آندو ويو جتي ڊاڪٽرن ڪوشش ڪري سندس زندگي بچائي ورتي خودڪشي ڪارڻ گھر وارن کان ناراضگي ٻڌايو پيو وڃي

Dhoom TV News kadhan

Image
 ڳو ٺ پيرو مھراڻپوٽو جي رھواسي پورھيت مٺو ڀيل معصوم 8 سال جي ڌي ڳوري راند ڪندي چلھ۾ ڪري سڙي زخمي ٿي پئي جنھن کي بروقت صحت مرڪز ڪڍڻ آندو ويو جتان کيس فسٽ ايڊ ڏيئي انڊس بدين ريفر ڪيو ويو

Dhoom TV News Mirpur Mathelo sikh brotheri

Image
 ميرپور ماٿيلو(رپورٽر) ميرپور ماٿيلو؛ ڀارت کان آيل سک برادري جر هڪ وفد ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ضلعي انتظاميه پاران ڀرپور تعاون فراهم ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو، ڊپٽي ڪمشنر پاران آيل مهمانن کي اجرڪن جا تحفا ڏنا. تفصيل موجب سک برادري جي 10هين گرو گوبند سنگهه جي مهراج جي 154هين جنم ڏينهن جي مناسبت سان تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ڀارت کان گردوارا بابا نانڪ شاه ڏهرڪي آيل سک برادري جي هڪ وفد ڀائي پلبريت سنگهه، ڀائي جسبير سنگهه ۽ پرمند سنگهه جي اڳواڻي ۾ ميرپور ماٿيلو پهچي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري ضلعي انتظاميه پاران ڀرپور تعاون فراهم ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي سک برادري جي مهمانن جو چوڻ هو ته هنن کي پاڪستان ۾ ڪنهن به قسم جي مشڪل پيش نه آئي، سمورن ادارن پاران ڀرپور تعاون فراهم ڪيو ويو جنهنڪري هو پنهنجي گرو جي جنم ڏينهن واري تقريبن ۾ آساني سان شرڪت ڪري سگهيا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر پاران سمورن مهمانن کي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا.

Dhoom TV News khanpur maher News

Image
 ميرمنٺارچنه خانپورمهر جي ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ جي انتظاميا جي لاپرواهي ۽ نااهلي جي ڪري شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، ڊرينيج سسٽم ناڪارا ھجڻ سبب گٽر ۽ ناليون اٿلي پيون آهن جنهن سبب گندو پاڻي شھر جي مين روڊ ، مختلف محلن ۽ گهٽين ۾ بيٺل آهي، هوڏانهن ٽائون ڪاميٽي  خانڳڙھ جي انتظاميا خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي خانڳڙھ جي سڏ تي شهرين سياسي سماجي اڳواڻن ڪامريڊ دودو مھر.صدر الدين مھر.حبيب سيال. ھريش ڪانيا، . امبريش. امير چند اوڏ.عزيز الله چنو. شاھد چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي م سنڌو چوڪ تي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ٽي ايم اي خانڳڙھ خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته جڏهن کان ٽي ايم او ٻانهو مهر ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ ۾ مقرر ٿيو آهي تڏهن کان خانپورمهر شهر ۾ نه  ڪو ترقياتي ڪم ٿي سگهيو آهي، هنن چيو ته شهر ۾ اسٽريٽ لائيٽون ته لڳرايون ويون آهن پر اسٽريٽ لائيٽون مسلسل بند رهن ٿيون  پر انتظاميه تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، لکين روپين جي لاڳت سان ڀٽائي چوڪ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي جيڪو مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي  ٻن ...

Dhoom TV News kadhan school building demag

Image
 ڪڍڻ جي 1908 ۾  تاريخي وجود رکندڙ  عمارت  مين پرائمري اسڪول تعليم کاتي جي بي ڌياني سبب اجڙي ويو عظيم استادن هٿان عظيم شاگردن کي پيدا ڪندڙ ادارو هن  وقت  زبون حال ٿيڻ سبب بند ٿيڻ بعد اجاڙ جو شڪار ٿي وئي آهي، سوين غريب شاگرد تعليم کان محروم اسڪول ۾ تعليمي سرگرميون بند ڪري اسڪول جي شاگردن کي هائي اسڪول ۾ منتقل ڪيو ويو جنهن بعد زبون عمارت جي پرگهور نه ٿيڻ ڪري ڪلاس رومن جا دروازا ،دريون ،سرون ،پراڻو فرنيچر ۽ پنکا چوري ٿي ويا آهن، جڏهن ته هاڻي عمارت مان لوهي سريا ڪڍڻ جون ڪوششون پڻ ڪيون پيون وڃن. ٻئي طرف ان معاملي ۾ انتظاميا توڙي سياسي سماجي ڌريون پڻ خاموش بڻيل آهن. جڏهن ته شهرين پاران مختلف وقتن تي احتجاج ڪرڻ باوجود تعليم کاتي اڃان تائين اسڪول جي تعمير  توڙي مرمت لا۽ ڪي به قدم ناهن کنيا. جنهن سبب هڪ طرف ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف اسڪول جي باقي رهيل عمارت کي نقصان ٿي رهيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪڍڻ شهر جي مين پرائمري اسڪول جي عمارت جي مالڪي ڪري نه رڳو حفاظت ڪئي وڃي بلڪ جلد تعميراتي ڪم ڪرائي ٻارڙن جي تعليم وڌيڪ متاثر ٿيڻ کان بچائي وڃي

Dhoom TV News ppp ijlas

Image
پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع بدين جو اجلاس ضلع ڪائونسل هال بدين م زير صدارت پ پ پ ضلع بدين جي صدر حاجي محمد رمضان چانڊيو جي ٿي گذريو، جنهن ۾ پ پ پ ضلع بدين جي سينيئر نائب صدر پير امجد علي صديقي ، پ پ پ ضلع بدين جي جنر ل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي ، ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح ، ايم پي اي تنزيلا قمبراڻي ، جونيئر فاضل راهو ، مير وقار احمد ٽالپر ،حاجي عبدالغفور نظاماڻي ، انفارميشن سيڪريٽري پ پ پ ضلع بدين فدا حسين منڌرو ، حاجي مير ملاح  سميت  سڄي ضلع جي  پارٽي ورڪرن ء عھديدارن شرڪت ڪئی اجلاس م فصلو ڪيو تہ ضلع بدين مان 9 تاريخ تي پيپلز پارٽي جي ميزباني ۾ ٿيندڙ   پي ڊي ايم جي  حيدرآباد واري احتجاجي جلسہ  ۾ بدين ضلع  مان ھزارين ورڪر شريڪ ٿندا، ۽  ھڪ بجي ماتلي مان ضلع جا  جاسمورا عھديدار ورڪر ايم پي اي ايم اين ايز وڏي جلوس جي صورت ۾ حيدرآباد لاء روانہ ٿندا. جنھن ۾  ليڊيز ونگ جي ڀينرن جو وڏو قافلو ايم پي اي تنزيلا قمبراڻي جي قيادت ۾ نڪرندو .ان موقعي تي  اجلاس کي خطاب ڪندي  اڳواڻن چيو تہ وفاق جي  نام نھاد حڪومت ھروقت عوام تي مھا...

Dhoom TV News kadhan hassnain mirza

Image
 ڪڍڻ(رپورٽر) ايم پي اي بئريسٽر حسنين مرزا خواجه محلا شھر ڪڍڻ پھچي ڊاڪٽر شجاعت علي خواجه يوسف علي خواجه ڊاڪٽر عقيل عباس سان مرحوم فتح علي ۽ مرحوم حاجي شوڪت جي وفات تي تعزيت جو اظھار ڪندي دعاء مغفرت ڪئي, انھي موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي حسنين مرزا چيو ته آئون شھر ڪڍڻ جي مسئلن کان واقف آھيان جيڪي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ھن چيو ته شھر جا مين پرائمري اسڪول, واھرا محلا, ميگھواڙ محلا, ۽ گرلس پرائمري اسڪول خواجه محلا جا چارئي اسڪول جلد نئين سر تعمير ڪيا ويندا, شھر جا بند پيل صاف پاڻي جا فلٽر پلانٽ کولي پيئڻ جي پاڻي جي رسد سمورن محلن ۾ پھچائي ويندي, ھن چيو ته شھر ۾ اسٽريٽ لائيٽ لڳرائي ويندي ۽ سمورن محلن جون گھٽيون پڪيون ڪرايون وينديون, انھي موقعي تي حسنين مرزا صحت مرڪز جو پڻ دورو ڪيو اتي بوسيده رھائشي ڪوارٽر, ۽ اسپتال جي مختلف شعبن جون خسته حال عمارتون ڏٺيون ۽ واعدو ڪيائين ته اسپتال جي جلد مرمت ڪرائي ڪريل ڪمرا نئين در تعمير ڪرايا ويندا, ھن خواجه محلي جو قبرستان پڻ ڏٺو ۽ چيو ته قبرستان کي جلد ڪمپائونڊ وال ڏياري ويندي ۽ شھر جو ڊرينيج سسٽم پڻ بھتر بڻايو ويندو, حسنين مرزا سان خليفو طار...

نندو ۾ ٻارڙو ٻڏي فوت

Image
 نندو.        نندو لڳ ڳوٺ بولو ملاح ۾ ٽي سالا ٻارڙو اويس عرف غلام مصطفیٰ ولد عبدالرحمان ملاح سندس گھر جي پاسي ۾ بيٺل پاڻي جي کڏي ۾ راند ڪندي پير ترڪڻ سبب ڪري فوت ٿي ويو جنھن جو لاش سول اسپتال نندو مان ضروري ڪارروائي بعد مائٽن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو

ميرپور ماٿيلو بدامني

Image
 ميرپور ماٿيلو شهر ۾ بدامني باھ گهٽ نه ٿي سگهي آهي، ان سلسلي ۾ ميرپور ماٿيلو شهر ۾ چوري جو هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ميرپورماٿيلو شھر جي دڪانن مان  چوري ڪندڙ عورتن جو گروھ سرگرم ٿي ويو آهي، جنهن ۾ پينو فقيرياڻيون خيرات وٺڻ جي بهاني دوڪانن جي ڪائونٽر تي پيل موبائيل فون چوري ڪرڻ جي وارداتن ۾ پُڻ اضافو اچي ويو آهي، جنهن بعد شهر ۾ پينو فقيرياڻيون ڪيترن ئي دڪانن مان موبائيل فون چوري ڪري ويون آهن، هوڏانهن وري شھر جي مختلف دڪانن ۾ خيرات وٺڻ بھاني داخل ٿي ھٿ جي صفائي سان موبائيل فون کڻي وڃن ٿيون، جنهن جي ويڊيو هٿ اچي وئي آهي، جنهن ۾ پينو فقيراڻيون سيٺ وسال ڪمار جي دوڪان تي خيرات وٺڻ بهاني موبائيل فون چوري ڪري ويون آهن، پر ان باوجود ميرپور ماٿيلو پوليس پينو فقيراڻين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن سبب شهر ۾ ڏينهون ڏينهن بدامني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي..

ميرپور ماٿيلو آبادگارن جو احتجاج

Image
ميرپور ماٿيلو(رپورٽر) ميرپور ماٿيلو؛ ڳوٺ سردار محمد بخش خان مهر ۾ بايوٽريڊرس فور برادرس جي دوا قلندر ۽ سينٽرڪ استعمال ڪرڻ سان 30 ايڪڙ ڪڻڪ جو فصل تباھ ٿيڻ خلاف آبادگار ۽ پ پ پ هاري ڪاميٽي ضلع گهوٽڪي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، بايو ٽريڊرس فور برادرس ڪمپني ۽ ڊيلر خلا ف ڇتي نعريبازي، اڳ ۾ ووئڻن جو فصل تباھ ڪيو ويو ۽ هاڻي وري ڪڻڪ جو فصل تباھ ڪيو پيو وڃي، هتان جا ڊيلر ٻه نمبر دوائن جو ڪاروبار ڪن پيا، بايو ٽريڊرس فور برادرس ۽ ڊيلر خلاف ڪاروائي ڪري آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي، اڳواڻن جو خطاب، تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ سردار محمد بخش خان مهر ديھ خانسر ۾ بايوٽريڊرس فور برادرس جي دوا قلندر ۽ سينٽرڪ استعمال ڪرڻ سان 30 ايڪڙ ڪڻڪ جو فصل تباھ ٿيڻ خلاف آبادگارن ۽ پ پ پ هاري ڪاميٽي ضلع گهوٽڪي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن بايو ٽريڊرس فور برادرس ڪمپني ۽ ڊيلر خلاف ڇتي نعريبازي پُڻ ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن مقصود احمد مهر، منظور احمد جلباڻي، غلام سرور عباسي، اڪرم ميتلو، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گذريل ڀيري نقلي دوائون استعمال ڪرڻ سان و...

نندو: ڪارو علي بحر واه جي آبادگارن جو احتجاج

 نندو: ڪارو علي بحر واه جي آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف پريس ڪلب نندو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

خانپورمهر ويجهو مارواڙي برادري جي جھڳين کي باھ

 

Need for reporter

Image