Dhoom TV News kadhan school building demag
ڪڍڻ جي 1908 ۾ تاريخي وجود رکندڙ عمارت مين پرائمري اسڪول تعليم کاتي جي بي ڌياني سبب اجڙي ويو عظيم استادن هٿان عظيم شاگردن کي پيدا ڪندڙ ادارو هن وقت زبون حال ٿيڻ سبب بند ٿيڻ بعد اجاڙ جو شڪار ٿي وئي آهي، سوين غريب شاگرد تعليم کان محروم اسڪول ۾ تعليمي سرگرميون بند ڪري اسڪول جي شاگردن کي هائي اسڪول ۾ منتقل ڪيو ويو جنهن بعد زبون عمارت جي پرگهور نه ٿيڻ ڪري ڪلاس رومن جا دروازا ،دريون ،سرون ،پراڻو فرنيچر ۽ پنکا چوري ٿي ويا آهن، جڏهن ته هاڻي عمارت مان لوهي سريا ڪڍڻ جون ڪوششون پڻ ڪيون پيون وڃن. ٻئي طرف ان معاملي ۾ انتظاميا توڙي سياسي سماجي ڌريون پڻ خاموش بڻيل آهن. جڏهن ته شهرين پاران مختلف وقتن تي احتجاج ڪرڻ باوجود تعليم کاتي اڃان تائين اسڪول جي تعمير توڙي مرمت لا۽ ڪي به قدم ناهن کنيا. جنهن سبب هڪ طرف ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف اسڪول جي باقي رهيل عمارت کي نقصان ٿي رهيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪڍڻ شهر جي مين پرائمري اسڪول جي عمارت جي مالڪي ڪري نه رڳو حفاظت ڪئي وڃي بلڪ جلد تعميراتي ڪم ڪرائي ٻارڙن جي تعليم وڌيڪ متاثر ٿيڻ کان بچائي وڃي
Comments
Post a Comment