ميرپور ماٿيلو آبادگارن جو احتجاج
ميرپور ماٿيلو(رپورٽر) ميرپور ماٿيلو؛ ڳوٺ سردار محمد بخش خان مهر ۾ بايوٽريڊرس فور برادرس جي دوا قلندر ۽ سينٽرڪ استعمال ڪرڻ سان 30 ايڪڙ ڪڻڪ جو فصل تباھ ٿيڻ خلاف آبادگار ۽ پ پ پ هاري ڪاميٽي ضلع گهوٽڪي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، بايو ٽريڊرس فور برادرس ڪمپني ۽ ڊيلر خلا
ف ڇتي نعريبازي، اڳ ۾ ووئڻن جو فصل تباھ ڪيو ويو ۽ هاڻي وري ڪڻڪ جو فصل تباھ ڪيو پيو وڃي، هتان جا ڊيلر ٻه نمبر دوائن جو ڪاروبار ڪن پيا، بايو ٽريڊرس فور برادرس ۽ ڊيلر خلاف ڪاروائي ڪري آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي، اڳواڻن جو خطاب، تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ سردار محمد بخش خان مهر ديھ خانسر ۾ بايوٽريڊرس فور برادرس جي دوا قلندر ۽ سينٽرڪ استعمال ڪرڻ سان 30 ايڪڙ ڪڻڪ جو فصل تباھ ٿيڻ خلاف آبادگارن ۽ پ پ پ هاري ڪاميٽي ضلع گهوٽڪي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن بايو ٽريڊرس فور برادرس ڪمپني ۽ ڊيلر خلاف ڇتي نعريبازي پُڻ ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن مقصود احمد مهر، منظور احمد جلباڻي، غلام سرور عباسي، اڪرم ميتلو، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گذريل ڀيري نقلي دوائون استعمال ڪرڻ سان ووئڻن جو فصل تباھ ڪيو ويو هيو ۽ هاڻي وري ڪڻڪ جي فصل کي تباھ ڪرڻ لاءِ ڪمپنين ۽ ڊيلر آبادگارن جو نقصان ڪري رهيا آهن ، هنن چيو ته هتان جا ڊيلر ٻه نمبر دوائن جو ڪاروبار ڪن پيا، جنهن سبب آبادگارن کي نقصان ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته بايو ٽريڊرس فور برادرس ۽ ڊيلر خلاف ڪاروائي ڪري آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو..
Comments
Post a Comment