Dhoom TV News khanpur maher News
ميرمنٺارچنه خانپورمهر جي ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ جي انتظاميا جي لاپرواهي ۽ نااهلي جي ڪري شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، ڊرينيج سسٽم ناڪارا ھجڻ سبب گٽر ۽ ناليون اٿلي پيون آهن جنهن سبب گندو پاڻي شھر جي مين روڊ ، مختلف محلن ۽ گهٽين ۾ بيٺل آهي، هوڏانهن ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ جي انتظاميا خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي خانڳڙھ جي سڏ تي شهرين سياسي سماجي اڳواڻن ڪامريڊ دودو مھر.صدر الدين مھر.حبيب سيال. ھريش ڪانيا، . امبريش. امير چند اوڏ.عزيز الله چنو. شاھد چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي م سنڌو چوڪ تي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ٽي ايم اي خانڳڙھ خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته جڏهن کان ٽي ايم او ٻانهو مهر ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ ۾ مقرر ٿيو آهي تڏهن کان خانپورمهر شهر ۾ نه ڪو ترقياتي ڪم ٿي سگهيو آهي، هنن چيو ته شهر ۾ اسٽريٽ لائيٽون ته لڳرايون ويون آهن پر اسٽريٽ لائيٽون مسلسل بند رهن ٿيون پر انتظاميه تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، لکين روپين جي لاڳت سان ڀٽائي چوڪ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي جيڪو مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ٻن مھينن ۾ ڀڄي ڀورا ٿي ويو آھي مظاهرين مطالبو ڪيو ته فوري طور ٽي ايم او ٻانهو مهر کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ۽ شهر ۾ صفائي جو نظام بهتر بڻايو وڃي..
Comments
Post a Comment