Dhoom TV News khanpur maher

 پ پ ایم این اي ۽ مھر قبيلي جي چيف سردار محمد بخش خان مھر چيو آھي تہ ضلعي جي عوام جا مسئلا ھن جا ذاتي مسئلا آهن ھو به عوام سان گڏ آفيسرن آڏو احتجاج ڪري ٿو ته خدارا پنھنجو فرض سفارشي فونن  بجاء ايمانداري سان پورو ڪيو. 

اھڙن خيالن جو اظهار ھن خانڳڙهه ۾ ضلعي گھوٽڪي جي عوام جا مسئلا کليل ڪچھري ۾ ٻڌندي ڪيو.  سندس چوڻ ھو ته گهوٽڪي اندر آفيسر پنھنجون ذميواريون ادا ڪرڻ لاء  سفارشي فونن جو انتظار ڪن ٿا جنھن کي ھو ھڪ فرض جي ادائگي ۾ ڪرائيم سمجھي ٿو. سردار محمد بخش خان مھر جو چوڻ ھو ته ضلعي جي آفيسرن کي  ايمانداري سان پنھنجو فرض سمجھي نوڪري ڪرڻ کپي

 عوام کي به گھرجي ته ھو پنھنجا مسئلا حل نه ٿيڻ تائين آفيسرن کي سڪون سان آفيسن ۾ ويھڻ نه ڏين

ضلعي اندر نشيدار شين جو عام واھپو شروع ٿي ويو آهي جنھن جي خاتمي لا۽ تڪڙا قدم نه کنيا ويا ته ضلعي اندر نوجوانن جو وڏو نقصان ٿيندو

پ پ ضلعي نائب صدر حاجي دادن خان مھر جي شڪايتن تي ٽي ٽي سي ڪاليج ۾ 5 سو جي جڳھ تي 45 سو روپيه فيس اوڳاڙڻ واري معاملي ۽ استادن جي برطرفي تي نوٽيس وٺندي سخت  حڪم جاري ڪندي چيو ته صنعتي ادارن کان ٿيل معاهدي تحت عمل ڪرايو وڃي. 

برطرف ملازم بحال ڪرايا وڃن ۽ پراڻي فيس وصول ڪئي وڃي.  سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آبادگارن جا مسئلا اھميت جي بنياد تي حل ڪيا وڃن ۽ بدامني خلاف بھتر ڪم جو تسلسل جاري رھڻ کپي ياد رھي تہ خانڳڙھ ۾ پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر جي رهائشگاھ تي کلي ڪچهري ۾ گهوٽڪي ضلعي سان تعلق رکندڙ ماڻهن  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.کلي ڪچهري ۾ سردار محمد بخش خان مهر، احمد علي خان مهر، ڄام اڪرام ﷲ ڌاريجو، مير بابر خان لنڊ، حاجي زبردست خان مهر ، حاجي دادن خان مھر ، حاجي ڪرم خان مھر ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا جڏھن ته کليل ڪچھري ۾

ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي، سيڊا ڊائريڪٽر گهوٽڪي، تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر توڙي مختلف کاتن جا ڪامورا به موجود ھئا.کلي ڪچهري ۾ مسئلن جي ستايلن اهنجن جا انبار لڳائي ڇڏيا، انتظاميه پاران مسئلا ٻڌي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي پئي وڃي ____________________________


Comments

Popular posts from this blog

Dhoom TV News kadhan

Dhoom TV News Jhudo