Dhoom TV News kadhan

 ڪڍڻ

ڪڍڻ جي اھم پرائمري اسڪولن جي زبون حال عمارتن جي نئين سر تعمير لاءِ پرائمري اسڪول جدوجهد ڪاميٽي پاران پرائمري اسڪول ميگهواڙ محلا جي اڱڻ ۾ احتجاج،زبون حال عمارتون جلد تعمير ڪرائي تدريسي عمل بحال ڪرڻ جو مطالبو، تفصيل موجب ڪڍڻ شهر جي ٻن اهم پرائمري اسڪولن مين پرائمري اسڪول کٽي محلا ۽ ميگهواڙ محلا جون زبون حال ٿيڻ سبب کين تالا هڻي تدريسي عمل بند ڪري ٻه سال اڳ شاگردن کي هائي اسڪول ڪيمپس ۾ منتقل ڪيو ويو پر اسڪولن جي عمارتن جي نئين سر تعمير لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا جنهن سبب ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، ان سلسلي ۾ پرائمري اسڪول جدوجهد ڪاميٽي پاران محمد سليم ڪنڀار، حسن علي شاه ،سڪندر اعظم نوتيار، مير محمد بجير، صابر علي چانڊيو، مرتضي جمالي، دانش خاصخيلي، مولانا محمد عيسي بجير، مھتاب علي کٽي ۽ والدين سونو مل ميگهواڙ، ڏاهو مل کوکر، سنتوش ڪمار، گووي کوکر، نهال چند ڀاڳت، طيب خاصخيلي، سينيئر صحافي الھ بچايو پارس،اڳوڻو وائس چيئرمين محمد اشرف بجير ۽ ٻين اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏ اسڪول جي اڱڻ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت تعليم ايمرجنسي جون صرف ڪوڙيون دعوائون ڪري ٿي، اسان جي شهر جا اهم پرائمري اسڪول بند پيل آهن جن جي لاءِ بار بار دانهون ڪرڻ باوجود چونڊيل نمائندن توڙي تعليم کاتي جي ڪامورن جي ڪن تي جونء به نه ٿي سري، هنن چيو ته مين پرائمري اسڪول جي عمارت ته مڪمل زبون آهي پر ميگهواڙ محلا جا ڪجهه ڪمرا بهتر آهن ان جي باوجود اسڪول جي شاگردن کي هتان کان ٻه ڪلوميٽر پري هائي اسڪول ڪيمپس ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي معصوم ٻارڙا خاص طور نياڻيون نه ٿيون پهچي سگهن جنهن سبب سندن تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، هنن وزير اعلا سنڌ، تعليم جي صوبائي وزير سعيد غني، ڊپٽي ڪمشنر بدين سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪڍڻ شهر جي پرائمري اسڪولن جي زبون حال عمارتن جي تعمير ڪرائي تدريسي عمل بحال ڪري ٻارڙن جي تعليم بچائي وڃي.


Comments

Popular posts from this blog

Dhoom TV News Jhudo