پ پ ایم این اي ۽ مھر قبيلي جي چيف سردار محمد بخش خان مھر چيو آھي تہ ضلعي جي عوام جا مسئلا ھن جا ذاتي مسئلا آهن ھو به عوام سان گڏ آفيسرن آڏو احتجاج ڪري ٿو ته خدارا پنھنجو فرض سفارشي فونن بجاء ايمانداري سان پورو ڪيو. اھڙن خيالن جو اظهار ھن خانڳڙهه ۾ ضلعي گھوٽڪي جي عوام جا مسئلا کليل ڪچھري ۾ ٻڌندي ڪيو. سندس چوڻ ھو ته گهوٽڪي اندر آفيسر پنھنجون ذميواريون ادا ڪرڻ لاء سفارشي فونن جو انتظار ڪن ٿا جنھن کي ھو ھڪ فرض جي ادائگي ۾ ڪرائيم سمجھي ٿو. سردار محمد بخش خان مھر جو چوڻ ھو ته ضلعي جي آفيسرن کي ايمانداري سان پنھنجو فرض سمجھي نوڪري ڪرڻ کپي عوام کي به گھرجي ته ھو پنھنجا مسئلا حل نه ٿيڻ تائين آفيسرن کي سڪون سان آفيسن ۾ ويھڻ نه ڏين ضلعي اندر نشيدار شين جو عام واھپو شروع ٿي ويو آهي جنھن جي خاتمي لا۽ تڪڙا قدم نه کنيا ويا ته ضلعي اندر نوجوانن جو وڏو نقصان ٿيندو پ پ ضلعي نائب صدر حاجي دادن خان مھر جي شڪايتن تي ٽي ٽي سي ڪاليج ۾ 5 سو جي جڳھ تي 45 سو روپيه فيس اوڳاڙڻ واري معاملي ۽ استادن جي برطرفي تي نوٽيس وٺندي سخت حڪم جاري ڪندي چيو ته صنعتي ادارن کان ٿيل ...